رتڙائو ڍنڍ

رتڙائو ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ، ضلعي سانگھڙ جي ’چوٽياريون‘ علائقي ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ ٻن ضلعن: خيرپور ضلعي جي تعلقي ناري ۽ ضلعي سانگهڙ جي ڪجهه حصن تي مشتمل آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهه ڇهه ڪلوميٽر ۽ ويڪر تقريباً هڪ ڪلوميٽر آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا. هيءَ ڍنڍ فقير لال مڱريي جي درگاهه جي اتر اولهه ۾ آهي. هن ڍنڍ تي رتڙائو نالو پوڻ بابت روايت آهي ته هڪ ڀيري رتو موچي نالي هڪ فقير درگاهه شريف جي زيارت ڪري واپس هن ڍنڍ واري ڳوٺ ۾ پهتو ته اوچتو بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو. مرڻ کان اڳ هن وصيت ڪئي هئي ته کيس مرڻ بعد هن ڍنڍ ڀرسان دفن ڪيو وڃي. فقير جي وصيت موجب کيس ڍنڍ ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس قبر اڄ به ڍنڍ جي اولهه ڪناري تي واقع آهي، جنهنڪري هي ڍنڍ فقير رتي موچيءَ جي نسبت سان ’رتڙائو ڍنڍ‘ مشهور آهي.



لفظ رتڙائو ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو